راولپنڊي-24 نومبر(اي پي پي) امام ڪعبه شيخ صالح بن عبدالله بن حميد پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ ??ي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق هيءَ ملاقات جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي. آرمي چيف معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته امام ڪعبه جو پاڪستان اچڻ پاڪستاني عوام لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جا مسلمان حرمين الشريفين سان بي پناهه عقيدت رکن ٿا ۽ گهرو احترام رکن ٿا. امام ڪعبه چ??و ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو مذهب آهي، اسلام جي غلط تشريح جي ڪابه گنجائش ناهي. ٻنهي معزز شخصيتن غزه تڪرار ۾ جاري ظلم ۽ غير قانوني والاريل ڄمون ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪئي ۽ فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتيءَ ??و اظهار ڪيو. آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۽ س??ود?? عرب وچ ۾ مثالي، تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي ??اڳ??پا آهن ۽ پاڪستانين جي دلين ۾ مملڪت س??ود?? عرب جي انوکي عقيدت کان علاوه ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ نظرياتي اتحاد تي ٻَڌل مضبوط اسٽريٽجڪ ??اڳ??پا آهن. آخر ۾ امام ڪعبه اُمت جي امن استحڪام ۽ اتحاد لاءِ دُعا ڪئي.