اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪس??ان ۽ ازبڪس??ان جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آسان ويزا طريقيڪار ۽ بهتر بئنڪنگ چينلز سان ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار کي وڌيڪ هٿي ملندي، هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي مل??ن جي واپاري برادري مختصر وقت ۾ هڪ ارب ڊالر جي گڏيل واپاري هدف کي آساني سان حاصل ڪري وٺندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ازبڪس??ان جي نائب وزيراعظم ڊاڪٽر جمشيد خدجايو عبدوخاڪو مووچ 7 رڪني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ سندس وفد جي پاڪس??ان ۾ آجيان ڪئي ۽ 8 کان 9 نومبر 2023ع تائين ازبڪس??ان جي شهر تاشقند ۾ منعقد 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي ازبڪس??ان جي صدر شوڪت مستان/136249.html">رزيوف سان پنهنجي تازي ملاقات جو ذڪر ڪندي ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار، دفاع ۽ رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اسلام آباد ۾ پاڪستان، ازبڪس??ان ۽ افغانس??ان جي واپار وارن وزيرن جي پهرين ٽي ڌريي اجلاس جي انعقاد کي پڻ ساراهيو. ٽنهي ڌرين ڪسٽم، لاجسٽڪس، واپار جي فروغ، ٽيرف، ٽي آئي آر جي طريقيڪار تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ٽي ڌريو ورڪنگ گروپ پڻ قائم ڪيو. ٽه ڌريي اجلاس جي نتيجن تي اطمينان جو اظهار نگران وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٽي ڌريو طريقيڪار ٽنهي مل??ن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيندو. نگران وزيراعظم ٻنهي مل??ن جي عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا ۽ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته آسان ويزا طريقيڪار ۽ بهتر بئنڪنگ چينلز ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي مل??ن جي واپاري برادري مختصر وقت ۾ هڪ ارب ڊالر جي گڏيل واپاري هدف کي آساني سان حاصل ڪري وٺندي. ازبڪ نائب وزيراعظم سندس ۽ سندس وفد جي شاندار استقبال تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن نگران وزيراعطم کي بئنڪنگ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن سميت پاڪس??ان جي واپاري برادري سان نتيجاخيز ملاقاتن بابت ٻڌايو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون ازبڪس??ان – افغانس??ان – پاڪس??ان ريلوي پراجيڪٽ جي وقت سر تڪميل جي لاءِ فعال ڳالهه ٻولهه جاري رکندا. ازبڪس??ان جي وفد ۾ ٽرانسپورٽ ??ارو وزير الخم مخڪاموف رسمووچ، سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار وارو نائب وزير بدري الدين عابدوف، نائب پرڏيهي وزير بابور عثمانوف، اسٽيٽ سيڪيورٽي سروس جو ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل فرخ مختارئوف ۽ پاڪس??ان ۾ ازبڪس??ان جو سفير ميجر جنرل فرخ مختاروف اويبيڪ عارف عثمانوف شامل هئا. ملاقات ۾ واپار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز کانسواءِ واپار وارو سيڪريٽري، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا.