اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي ترقي ۾ بوهره برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بوهره برادري جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزيرا??ظم اهڙن خيالن جو اظهار دائودي بوهره برادري جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي قي??دت ۾ بوهره برادري جي 8 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيرا??ظم جو بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت خصوصي نمائندو مولانا طاهر اشرف پڻ شريڪ هو. نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي بوهره برادري جي پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي تعليمات ۾ ماحولياتي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ صفائي سٿرائي جي موضوعن تي خاص ڌيان کي پڻ ساراهيو. نگران وزيرا??ظم چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام بوهره برادري جي پاڪستان جي لاءِ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر مفضل سيف الدين کي سندس پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي ??عت??اف ۾ مليل نشان پاڪستان تي کيس مبارڪباد ڏني. بوهره برادري جي وفد نگران وزيرا??ظم کي عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي جي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ هاڃيڪار اثرن کي اجاگر ڪرڻ جي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيرا??ظم ان موقعي تي چيو ته موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان پوري عالم جي انسانيت کي خطرو لاڳو آهي، مذهبي پيشوائن کي پنهنجي تعليمات ۾ ان اهم موضوع تي تسلسل سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. وفد نگران وزيرا??ظم جي قي??دت ۾ حڪومت جي بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي پڻ ساراهيو. نگران وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۾ هر مذهب ۽ رنگ ۽ نسل جا ماڻهو موجود آهن ۽ انهن کي برابري جا حق حاصل آهن، بوهره برادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ملڪ جي هر شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. نگران وزيرا??ظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته بوهره برادري اڳتي به پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ائين ئي اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.