ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڱاري ڏينهن عالمي اقتصادي فورم (ڊبليو اي ايف) جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪ?? جي لاءِ ڊيووس پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ”عالمي تڪرارن جي دور کان بچاءُ“ جي ??وضوع تي عالمي اقتصادي فورم جي غيررسمي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن اجلاس ۾ دنيا جا ناليوارا پاليسي ??از، سيڙپڪار ۽ ڪاروباري اڳواڻ ۽ ماهر به شرڪت ڪندا. نگران وزيراعظم ڊيووس ۾ ڊي پي ورلڊ ۽ جي ڊبليو انٽرنيشنل هولڊنگ جي ??چ ۾ مفاهم?? جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم سان ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ڪارگل ڪمپني جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائڪس به ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم بعد ۾ عالمي اقتصادي فورم جي باني ڪلائوز ۽ هلڊي شواب پاران عالمي سياسي ??ڳواڻن، عالمي تنظيمن ۽ عالمي ڪاروباري ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ اسٽريٽجڪ حصيدارن جي ??ان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو.