اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي)مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه محمد آصف چيو آهي ته س??ي اتحاد ڪائونسل طرفان مخصوص سيٽن تي اميدوارن جي ترجيحي فهرست جمع نه ڪرائي وئي، قائدن تحت اميدوارن جي فهرست شيڊول تحت ڏيڻي هوندي آهي. قومي اسيمبلي ۾ س??ي اتحاد ڪائونسل جي م??مبر عمر ايوب خان اعتراض واري نقطي تي ??ال??ائيندي چيو ته اسان رولز ۽ قانون جي پاسداري جو حلف کنيو آهي، هي ايوان نامڪمل آهي، ايوان ۾ اسان جي عورتن کي مخصوص سيٽون الاٽ نه ڪيون ويون آهن، بئريسٽر گوهر علي چيو ته هن ايوان ۾ صرف عوامي م??نڊيٽ رکندڙ شخص ئي ويهي سگهي ٿو. آرٽيڪل 51 (3) موجب قومي اسيمبلي 336 سيٽن تي ٻڌل آهي، ان ۾ عورتن لاءِ 60 ۽ اقليتن لاءِ 10 سيٽون رکيون ويون آهن، ان ۾ اسان جي سيٽن تي اسان جون مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن. اسپيڪر فلور خواجه آصف کي ڏنو ته پي ٽي آءِ ميمبرن گوڙ شروع ڪيو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي اسيمبلي جي تقدس کي برقرار رکو. اهڙي طرح ايوان ۾ اوهان جي ??ال??ه نه ٻڌي ويندي. پارليامينٽ پنهنجو موقف ڏيندو آهي ۽ ان کي پوءِ جواب ڏيڻو هوندو آهي. گوهر علي خان چيو ته جيڪو پوائنٽ آف آرڊر اٿاريو آهي ان جو جواب نه مليو، خواجه محمد آصف چيو ته س??ي اتحاد ڪائونسل مخصو سيٽن لاءِ ڪابه فهرست ناهي ڏني، پهرين ڏني ويندڙ لسٽ ۾ نالا شامل ٿي سگهن ٿا نئين لسٽ ۾ نه.