اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ان ف??صل?? کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت 11 ڊسمبر 2023ع جي ف??صل?? تي نظ??ثاني جي درخواستن کي رد ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز ??هر?? بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي تازي حڪم کي اهڙي طرح رد ڪريون ٿا جهڙي طرح اسان 11 ڊسمبر 2023ع جي ان جي حڪم کي رد ڪيو هو. هن چيو ته ٻئي فيصلا ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري نوعيت کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام آهن. ترجمان چيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو ختم نه ٿيڻ جوڳو حق حاصل آهي جيئن ته گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ لکيل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حتمي ف??صل?? گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت کي ڪشمير تڪرار جي ٻين ڌرين يعني ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفي ف??صل?? ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي ۽ نه ئي ڀارت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي ف??صل?? جي بهاني پنهنجي عالمي قانوني ذميوارين کان دستبردار ٿي سگ??ي ٿو. هن چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جا فيصلا يا حڪم والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي نه ٿا سگ??ن. ڀارتي سپريم ڪورٽ اهو ف??صل?? پهرين مئي ??ي ڪيو آهي جيڪو 21 مئي 2023ع تي جاري ڪيو ويو.