شي آن – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي چين جي دوري ??ي ٽئين مرحلي ۾ شي آن پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب شي آن پهچڻ تي شانسي صوبي جي نائب گور??ر ڇَن ڇُن جيانگ ۽ اعليٰ چيني سفارتي عملي سميت اعليٰ پاڪستاني سفارت?? اهلڪارن وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو.
وزيراعظم پنهنجي شي ان جي دوري ??وران شانسي صوبي جي اعليٰ پارٽي قيادت سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ جديد زراعت جي حوالي سان قائم اداري، يانگلنگ انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪندو. وزيراعظم سان گڏ پاڪستاني وفد ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصد?? ملڪ، عطاءُ الله تارڙ، راڻا تنوير حسين ۽ سردار اويس خان لغاري ??امل آهن.