اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پ??ڪس??ان چيو آهي ته آمريڪي ايوان نمائندگان پاران منظور ڪيل قرارداد 901 ملڪ جي ??يا??ي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت ادراڪ جي کوٽ جي عڪاس آهي. اڱاري تي آمريڪي ايوان نمائندگان پاران قرارداد جي منظوري جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بريفنگ ۾ چيو ته پ??ڪس??ان ان قرارداد جو نوٽيس ورتو ??هي. هن ريمارڪس ڏنا ته اسان سمجهون ٿا ته ان مخصوص قرارداد جو وقت ۽ حقيقت اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جي مث??ت رخن سان هم آهنگ نه آهي ۽ اها پ??ڪس??ان جي ??يا??ي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت اڻمڪمل تفهيم کي ظاهر ڪري ٿي. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي پارلياماني جمهوريت ۽ مجموعي طور تي پنجين وڏي جمهوريت جي طور تي پنهنجي قومي مفاد موجب آئيني نظام، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جي قدرن جو پابند آهي. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل تعميري ڳالهه ٻولهه ۽ رابطن تي يقين رکي ٿو. ان لاءِ اهڙيون قراردادون نه ته ت??ميري آهن ۽ نه ئي معروضي هونديون آهن. اسان کي اميد آهي ته آمريڪي ڪانگريس پ??ڪس??ان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ معاون ڪردار ادا ڪندي ۽ ٻنهي عوام ۽ ملڪن جي مفاد ۾ گڏيل تعاون جي طريقن تي ڌيان ڏيندي.