دوشنبي – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دوشنبي کان تاجڪستان جي گادي واري شهر آستانه روانو ٿي ويو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه، قازخستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قازخستان ويندو. ساڻس نائب وزيرا??ظم ?? پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ گڏ هوندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيرا??ظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيرا??ظم ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب پڻ ڪندو. وزيرا??ظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. وزيرا??ظم ايس سي او خطي جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيرا??ظم سربراهي اجلاس جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي اربع ڏينهن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقاتن جو امڪان آهي. اڄ پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽي ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿيندو جنهن ۾ وزيرا??ظم جي به شرڪت جو امڪان آهي. وزيرا??ظم اڄ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ قازخستان جي صدر قاسم جومارٽ توڪائيوف پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو.