اسلا م آباد-05 جولاءِ(اي پي پي) سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ پڻ آبادي جو عالمي ڏينهن 11 جولاءِ تي ملهايو ويندو،ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عالمي آبادي ۾ اضافي ۽ ان جي اثرن طرف ڌيان ڇڪائڻ آهي،جڏهن ته آبادي جو عالمي ڏينهن پائيدار ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ آبادي ۾ اضافي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪري ٿو.گڏيل قومن پاران آبادي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي ??نظوري 1989 ۾ ڏني و??ي هئي جنهن کان پوءِ هر سال اهو ڏينهن 11 جولاءِ تي دنيا جي ??ختلف ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن جي ??ناسبت سان مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا جن ?? عالمي طور تي آبادي ۾ اضافي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل تي روشني وڌي ويندي جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص مواد شايع ۽ پروگرام نشر ڪيا ويندا.