راولپنڊي -17 جولاءِ (اي پ?? پي) بنون ڇانوڻي تي 15 جولاءِ تي دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ شهادت جي عظيم رتبي تي پ??تل پاڪ فوج جي جوانن کي پ??ري فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق ان واقعي ۾ نائب صوبيدار محمد شهزاد شهيد (عمر 44 سال، رهائ?? ضلع پونڇ آزاد ڄمون ڪشمير)، حوالدار ضلال حسين شهيد (عمر 39 سال، رهائ?? ضلع خوشاب)، حوالدار شهزاد احمد شهيد (عمر 28 سال، رهائ?? ضلع نيلم آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي اشفاق حسين خان شهيد (عمر 30 سال، رهائ?? ضلع م??فر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي سبحان مجيد شهيد (عمر 22 سال، رهائ?? ضلع م??فر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي امتياز خان شهيد (عمر 30 سال، رهائ?? ضلع ڪرڪ)، سپاهي ارسلان اسلم شهيد (عمر 26 سال، رهائ?? ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو لانس نائيڪ سبز علي شهيد (عمر 34 سال، رهائش لڪي مروت) کي پ??هنجن اباڻ?? علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازه نماز ۽ تدفين ۾ پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مادر وطن م??ن دهشتگردي جي لعنت ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي جنگ جاري رهندي. شهيدن جون هي عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ ضايع نه وينديون.