اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارليامينٽ ۽ عوام ۾ ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿي??دي?? ينگ سٽيزن انٽرن شپ پروگرام ذريعي مستقبل جي معمارن کي پارليامينٽ ۽ ان ??ي نظام بابت ??گاهي ملندي. ينگ سٽيزن انٽرن شپ پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پروگرام ۾ شامل سمورن ٻارن کي پارليامينٽ ۾ آجيان ڪريان ٿو. قومي اسيمبلي ۾ ٻارن جي انٽرن شپ جو بنياد 2014ع ۾ رکيو ويو، ٻارن جو انٽرن شپ پروگرام منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي، ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻنداسين. هن چيو ته خوشي آهي ته ان پروگرام ۾ ملڪ جي سمورن علائقن ۽ طبقن ??ي نمائندگي آهي، پارليامينٽ 25 ڪروڙ عوام جي دانش گاهه آهي. هن چيو ته ينگ سٽيزن شپ پرگرام ذريعي مستقبل جي معمارن کي پارليامينٽ ۽ ان ??ي نظام بابت ??گاهي حاصل ٿي??دي?? پارليامينٽ ۽ عوام جي ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت وڌيڪ مستحڪم ٿي??دي?? اهو اطمينان آهي ته ملڪ جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته سڀ گڏجي ڪم ڪريون. هن ٻارن کي پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڀريو.