اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير سينيٽر اسحاق ڊار برطانيا جي نئين چونڊيل پر??يه?? معاملن، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري وزير ڊيوڊ ليمي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ڊيوڊ ليمي کي برطانوي پر??يه?? وزير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. پر??يه?? آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته برطانيا ۾ نئين حڪومت پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي جاري رکندي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانوي پاڪستانين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم دولت مشترڪه جي ڏس سميت برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي پاڪستان جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پر??يه?? وزير ڊيوڊ ليمي سان گڏ ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. برطانيا جي پر??يه?? وزير پنهنجي مدي دوران پاڪستان جي لاءِ برطانيا جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي وزيرن ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ آڪٽوبر ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس لاءِ گ??جي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.