اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اس??اق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اس??ن کي گڏجي ڪ??دا?? ادا ڪرڻو پوندو، رواي??ي سفارتڪاري کان اقتصادي سفارتڪاري طرف پاڻ کي موڙڻو پوندو، فارن سروس اڪيڊمي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ سهولتن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، سفارتڪارن کي پاڪستان جي خدمت جي لاءِ هر وقت دستياب رهڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فارن سروس اڪيڊمي ۾ ڊپلوميٽڪ ڪورس مڪمل ڪندڙ گريجوئيٽس کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته نئين ۽ غيررواي??ي سيڪيورٽي چئلينجن عالمي سلامتي کي غيريقيني بڻائي ڇڏيو آهي، سفارتي خدمتن ۾ شامل ٿيڻ تي پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻو پوندو. محمد اس??اق ڊار چيو ته بلاڪ جي سياست، عالمي سياست، معيشت ۽ عالمي رياستي لاڳاپن کي بري طرح متاثر ڪندي. دنيا ۽ پاڪستان هڪ گهري تبديلي مان گذري رهيا آهن. نائب وزيراعطم چيو ته سفارتڪار بحران کي منهن ڏيڻ جي مشن ۾ جواب ڏيندڙ پهريان ماڻهو هوندا آهن. نوجوان سفارتڪارن کي قوم جي لاءِ پنهنجي فرضن کي سدائين ياد رکڻ گهرجي، هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته سڀئي پاڪستاني سفارتڪار ملڪ کي خوشحالي، امن ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ اڳتي وٺي ويندا. نائب وزيراعظم سينيٽر اس??اق ڊار چيو ته نوجوان سفارتڪار پاڪستان جو روشن مستقبل بڻائڻ ۾ ??دد ڪري سگهن ٿا. سفارتڪارن کي پاڪستانين جي خدمتن جي لاءِ هر وقت دستياب رهڻ گهرجي. هن چيو ته فارن سروس اڪيڊمي کي اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريان ٿو. فارن سروس اڪيڊمي ۾ رنگ روغن جو ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اداري کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ سهولتن کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. هن سفارتڪارن تي زور ڏنو ته ملڪ جي نمائندي هجڻ جي حيثيت سان پاڪستان جي ڀلائي جو خيال رکڻ انهن جو اولين فرض آهي، سفارتڪارن کي عالمي قانون ۽ سياست سان گڏوگڏ اقتصادي سفارتڪاري جو به ماهر هجڻ گهرجي. نائب وزيراعظم چيو ته سفارتڪارن تي فرض آهي ته اهي پنهنجي صلاحيتن موجب پاڪستان جي خدمت ڪن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوان سفارتڪارن کي واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ضروري مهارتن سان ليس ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اس??ن کي گڏجي ڪ??دا?? ادا ڪرڻو پوندو. سفارتڪار پنهنجي لاڳاپيل ملڪن ۾ پاڪستان جي سفير طور خدمتون سرانجام ڏين ٿا. سفارتڪارن کي عالمي قانون ۽ سياست سان گڏ اقتصادي سفارتڪاري جو به ماهر هجڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اس??ن کي گڏجي ڪ??دا?? ادا ڪرڻو پوندو. رواي??ي سفارتڪاري کان اقتصادي سفارتڪاري طرف پاڻ کي موڙڻو پوندو. سينيٽر محمد اس??اق ڊار چيو ته عالمي تبديليون پاڪستان جي عالمي لاڳاپن ۽ پرڏيهي پاليسي ??ي سڌوسنئون اثرانداز ٿي رهيون آهن. هن چيو ته فارن سروس اڪيڊمي اهڙا ناليوارا سفارتڪار پيدا ڪيا جن پاڪستان جي نمائندگي وڏي اعزاز سان ڪئي آهي، فارن سروس اڪيڊمي هيستائين 1500 کان وڌيڪ غيرمل??ي سفارتڪارن کي تربيت ڏني آهي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوان سفارتڪارن کي واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ضروري مهارتن سان ليس ڪيو وڃي. هن چيو ته سافٽ پاور روايتي جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي، هاڻي بيانيي ۽ غلط معلومات جي جنگ ٿي رهي آهي. سڄي دنيا جا معاشرا تباهي جو شڪار آهن. جڏهن ته طاقت جي مقابلي بلاڪ سياست جي واپسي جو خدشو وڌائي ڇڏيو آهي.