اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ قيمتي پٿرن جي صنعت جي ترقي ۽ ان جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ??ند?? چيو آهي ته ق??متي پٿرن جي روايتي طريقي سان کاڻين جي کوٽائي سان اهو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت گلگت بلتستان ۾ قيمتي پٿرن جي کاڻين جي کوٽائي، تراش خراش ۽ ويليو ايڊيشن جي صنع?? جو عالمي معيار سان هم آهنگ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ??ند??. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قيمتي پٿرن جي صنعت جي ترقي ۽ ان شعبي جي سڌارن جي حو??لي سان جائزه اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، خالد مقبول صديقي، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ قيمتي پٿرن جي صلاحيت، کاڻين جي کوٽائي جي موجوده طريقن ۽ روانگي واپار جي حو??لي سان آگاهه ??ند?? ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ قيمتي پٿرن جا وسيع ذخيرا موجود آهن، انهن علائقن ۾ کاڻين جي کوٽائي جي لاءِ روايتي طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن جن جي ڪري قيمتي پٿرن جو زيان ٿي رهيو آهي،خام مال اڪثر اسمگل ٿي ٻين ملڪن ۾ ويليو ايڊيشن کانپوءِ پوري دنيا کي برآمد ڪيو وڃي ٿو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وسيع مقدار ۾ ذخيرن جي باوجود پاڪستان مان قيمتي پٿرن جي برامدا?? جو ڪاٿو ڪجهه ملين ڊالر آهي. وزيراعظم کي قيمتي پٿرن جي صنعت ۽ ان شعبي جي سڌارن جي حو??لي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي گلگت بلتستان ۾ قيمتي پٿرن جي حو??لي سان هڪ ڪلسٽر ٺاهڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم تجويزن تي عملدرآمد جي ذميواري نجڪاري واري وفاقي وزير کي ڏيندي هڪ هفتي ۾ گلگت بلتستان ۾ پائليٽ پراجيڪٽ جي حڪمت عملي کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ق??متي پٿرن جي صنعت جي ترقي ۽ شعبي جي سڌارن جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي پاڻ صدارت ڪندس. هن چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان ۾ قيمتي پٿرن جي کاڻين جي کوٽائي، تراش خراش ۽ ويليو ايڊيشن جي صنع?? جو عالمي معيار سان هم آهنگ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ??ند??، ان حو??لي سان وفاقي حڪومت گلگت بلتستان حڪومت کي مڪمل مالي معاونت فراهم ??ند??. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي بدقسمتي آهي ته 77 سالن ۾ ان شعبي تي ڌيان نه ڏنو ويو، قيمتي پٿرن جي روايتي طريقي سان کاڻين جي کوٽائي سان قيمتي اثاثو ضايع ڪيو پيو وڃي، هڪ مهيني ۾ عالمي معيار سان هم آهنگ جديد حڪمت عملي جوڙي ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ قدم شروع ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ق??متي پٿرن جي صنعت ۽ ان شعبي جي سڌارن جي حو??لي سان عملي قدم ۽ نتيجا پيش ڪيا وڃن، قيمتي پٿرن جي اسمگلنگ جي اجازت بلڪل نه ڏني ويندي، ان حو??لي سان گلگت بلتستان حڪومت سان مشاورت کانپوءِ هڪ هفتي ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ قيمتي پٿرن جي عالمي سطح تي لاڳو سرٽيفڪيشنز حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت قيمتي پٿرن جي کاڻين جي کوٽائي جي حو??لي سان 178 وڏا لائيسنس ڏنا ويا آهن جڏهن ته ق??متي پٿرن جا 18 قسم آهن، پاڪستان جي قيمتي پٿرن جي روانگي واپار جو 80 سيڪڙو حصو خام مال تي ٻڌل آهي، قيمتي پٿرن جي صنعت جي ترقي سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم قيمتي پٿرن جي جديد کاڻين جي کوٽائي، تراش خراش، پالشنگ ۽ ويليو ايڊيشن جي حو??لي سان پاڪستاني افرادي قوت جي پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.