اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) تعليم بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ت?? اسان تي جيڪي تعليمي ذميواريون آهن انهن تي گڏجي ادا ڪرڻو پوندو، وقت جي تبديل ٿيندڙ گهرجن مطابق ٽيڪنالوجي جو استعمال اسانجي ??هرين ترجيع آهي. جمعي تي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي وفاقي تعليمي بورڊ جي انتظام هيٺ انٽرميڊيئيٽ پارٽ ون ۽ پارٽ ٽو جي ??تيجن جي اعلان جي تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب کي خطاب ڪندي هن ڪامياب ٿيل شاگردن جي ??الدين ۽ استادن کي م??ارڪون ڏنيون ۽ وفاقي تعليم بورڊ کي تعليمي نتيجا وقت سر جوڙڻ لاءِ سندن ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙيون تقريبون پاڪستان لاءِ هوا جو جهونڪو آهن . اسانجا نو??وان باصلاحيت آهن ۽ سندن اها ڪاميابي قوم جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت پنهنجي تاريخ جي ??ڪ اهم موڙ تي آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن خوش قسمت ملڪن ۾ شامل آهي جتي آبادي جو وڏو حصو نو??وانن تي ٻڌل آهي، اسانجي ??لڪ جي آبادي جو 15 کان 18 ڪروڙ حصو نو??وانن تي ٻڌل آهي. هن چيو ت?? اسان کي انهن نو??وانن کي زندگي جي ??ر شعبي اڳتي وڌائڻو آهي ۽ انهن ئي نو??وانن جي ??دد سان اسان ترقي ڪري سگهون ٿا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته نو??وان اسانجو مستقبل آهن ۽ اهو يقين سان چوان ٿو ت?? اسانجو اهو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ٽيڪنالوجي ??ڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسانکي به وقت جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ٽيڪنالوجي جو صحيع استعمال سکڻو هوندو. هن چيو ته اڳتي وڌڻ جو واحد رستو ٽيڪنالوجي جو استعمال آهي. تقريب ۾ اسيمبلي ميمبرن پوزيشن ح??صل ڪندڙ شاگردن، سندن والدين، استادن، وزارت تعليم ۽ تعليمي بورڊ جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.