اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان 33 ڪمپنين سان چين امپورٽ ايڪسپو ۾ شرڪت ڪندو. اهڙو ??ظه??ر هن چيني واپار واري نائب وزير لينگ جي سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته چين پاڪستان سان واپا??ي موقعا وڌائڻ جي عزم جو ??ظه??ر ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان شين جي امپورٽ ۾ چين دلچسپي ظ??هر ڪئي آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽي ۾ اضافو ڪيو ويندو. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ آزاد واپا??ي معاهدي تي ڪميٽي جو اجلاس جلد گهرايو ويندو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي زرعي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ گوادر پورٽ جي مڪمل فعاليت جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيني نائب وزير ايس سي او وزارتي اجلاس جي ميزباني تي پاڪستان کي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي.