نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي دنيا خاص طور تي يوڪرين ۽ فلسطين ۾ جنگبندي تي زور ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن جنگيون نه روڪيون ويون ته مستقبل اونداهون هوندو، فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ تي اسرائيلي قيادت جو احتساب ڪيو وڃي ۽ اسرائيل تي واپار ۽ هٿيارن سميت ٻيون پابنديون لڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي سلامتي ??ائ??نسل جي ”ليڊر فار پيس“ جي موضوع تي اعليٰ سطحي مباحثي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اهو مباحثو منعقد ڪرڻ تي سلوانيه کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، وچ اوڀر، يورپ ۽ ڪن??ن به جاءِ تي جنگين جو ڦهلاءُ، عالمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ غربت ۾ اضافو ورلڊ آرڊر جي بنيادن جي لاءِ خطرناڪ آهي، اسان ڪجهه ڏينهن اڳ مستقبل جي پيڪٽ کي منظور ڪيو آهي، اسان کي پنهنجي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته جنگين سان مستقبل اونداهو هوندو. هن چيو ته اسان کي اسرائيل کي غزه ۾ نسل ڪشيءَ ۽ وچ اوڀر ۾ تڪرار جي ڦهلاءُ سان روڪڻ گهرجي، اسرائيل تي واپار ۽ هٿيارن سميت ٻيون پابنديون لڳائڻ جو وقت آهي، فلسطيني عوام جي خلاف ا??رائيلي قيادت جي ڏوهن تي ان جو احتساب ڪيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بيروت تي بمباري انتهائي مذمت جوڳي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل يوڪرين ۾ جنگبندي ۽ پرامن حل جي لاءِ غيرجانبداراڻو منصوبو ٺاهي، ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته سلامتي ??ائ??نسل پراڻي تڪرار ڄمون ۽ ??شم??ر کي وڌيڪ نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي، ڄمون ۽ ??شم??ر جي مسئلي سان عالمي امن ۽ سلامتي کي مستقل خطرا آهن، سلامتي ??ائ??نسل کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ بنيادي انساني حقن جي وڏي پئماني تي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ??شم??رين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل جي قراردادن تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل کي افغانستان سان خاص طور تي فتنه الخوارج جي دهشتگردي جي خطرن جي ٻيهر اڀرڻ جي معاملي کي منهن ڏيڻ تي موثر ڌيان ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سلامتي ??ائ??نسل دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۽ غيرملڪي مداخلت روڪڻ جي لاءِ آفريقي ملڪن کي تعاون فراهم ڪري، گڏيل قومن جي امن مشنز کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي، گڏيل قومن کي وڏين طاقتن جي وچ ۾ جنگ کان بچاءُ ۽ خاص طور تي ايش??ا پيسفڪ ريجن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي حل لاءِ اعتمادسازي جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، ملڪن جي وچ ۾ مقابلو سٺي ڳالهه آهي پر ان کي تڪرار ۾ تبديل نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سلامتي ??ائ??نسل کي طاقت جي غيرقانوني استعمال تي زيرو ٽالرنس جو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ ائٽمي ۽ روايتي هٿيارن جي نئين ڊوڙ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نئين هٿيارن ۽ مصنوعي ذهانت سميت جديد ٽيڪنالاجي تي ڪنٽرول ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهي انتهائي خطرناڪ آهن. ٻين ميمبر ملڪن سان تعاون جي ڏس ۾ هن چيو ته جڏهن پاڪستان ايندڙ سال سلامتي ??ائ??نسل ۾ پنهنجي سيٽ سنڀاليندو ته پنهنجي هدفن تي عمل ڪندو.