لاهور-25 سيپ??مب?? (اي پي پي) آمريڪ?? سفير ڊونلڊ بلوم ۽ قونصل جنرل لاهور مس ماڪرسٽين ۽ وفد جي ٻين ميمبرن داتا درٻار تي حاضري ڏني. اوقاف ۽ مذهب?? کاتي مطابق مذهبي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل خالد محمود سنڌو سندن داتا درٻار پهچڻ تي استقبال ڪيو. ايڊمنسٽريٽر داتا درٻار ۽ عملو ان موقعي تي موجود هئا. آمريڪ?? سفير ۽ قونصل جنرل طرفان درٻار شريف تي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ويا، آمريڪ?? سفير ۽ ان جي ٽيم درٻار شريف جي ترقياتي ڪمن بابت خصوصي دلچسپي ظاهر ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل وفد کي درٻار شريف تي ٿيل ترقياتي ڪمن ۽ حضرت داتا گنج بخش جي زندگي بابت بريف ڪيو. آخر ?? ڊائريڪٽر جنرل آمريڪ?? سفير کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي ۽ مهمانن کي ڪتابن جا تحفا ڏنا.