راولپنڊي – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي اتر وزيرستان جي عل??ئق?? رزمڪ ۾ ٿيل آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق 25/26 سيپٽمبر جي رات جو سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي اتر وزيرستان جي عل??ئق?? زرمڪ ۾ انٽيلي جنس بنياد تي ٻڌل آپريشن ڪيو. جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ 8 خوارج جهنم واصل ٿيا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوله بارود به هٿ آيو آهي، اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين سان گڏو گڏ معصوم شهرين جي ٽارڪ?? ڪلنگ ۾ به سرگرم رهيا. عل??ئق?? ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن اتي ڪنهن ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪري سگهجي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم ??هن.