اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه مادر جمھوريت بيگم نصرت ڀ??و کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھي ته مادر جمھوريت بيگم نصرت ڀ??و هميشه برداشت، صبر ۽ حق جو آواز بلند ڪرڻ جو سبق سکاريو ۽ ملڪ ۾ جمھوريت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ مثالي جدو جھد ڪئي. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر بيگم نصرت ڀ??و جي ورسي جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ چيو ته بيگم نصرت ڀ??و جمھوريت جي بحالي خاطر قيد جون مشڪلاتون برداشت ڪيون ۽ ڏکئي وقت ۾ به صبر ۽ استقامت ج?? دامن نه ڇ??يو. ھن چيو ته بيگم نصرت ڀ??و پنھنجي اولاد جي بھترين پرورش ڪئي. بيگم نصرت ڀ??و ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي عورتن لاءِ رول ماڊل آھن. پاڪستان پيپلز پارٽي شھيدن جي پارٽي آھي مستقبل ۾ به پاڪستان جي بقا لاءِ ڪنھن قرباني کان نه ڪيٻائيندي. پاڪستان جي ترقي ۽ آئين جي بلندي لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون پاڪستان پيپلزپارٽي ڏنيون آهن. آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ پارليامينٽ جي وقار لاءِ جدو جھد جاري رکنداسين. بيگم نصرت ڀ??و جي خدمتن کي پاڪستاني تاريخ ۾ ساندار لفظن ۾ لکيو ويندو. ھن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مادر جمھوريت بيگم نصرت ڀ??و جا درجا بلند ڪري ۽ کيس جنت ۾ اعليٰ مقام نصيب فرمائي.