اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ مادر ج??هوريت بيگم نصرت ڀٽو جي نظريي کي مشعل راهه بڻائڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جي مشن تي ڪاربند رهنداسين. صدر مادر ج??هوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن آمر ج?? خلاف عوام جي حقن ۽ جمهوريت جي بحالي جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي. صدر بيگم نصرت ڀٽو جي جمهوريت جي لاءِ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي ۾ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو مشڪل دور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي قيادت فراهم ڪئي، جمهوريت جي لاءِ سندس قربانين ۽ سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو آمراڻي حڪومت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو همت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو، هوءَ مادر ج??هوريت ۽ عزم ۽ حوصلي جي علامت آهي. آصف علي زرداري چيو ته بيگم نصرت ڀٽو سياسي بصيرت رکندڙ ۽ مدبر اڳواڻ ??ئي?? هن عورتن جي خودمختياري ۽ سياست ۾ انهن جي شموليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي 13هين ورسيءَ تي سندس مشن ??ي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا.