اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي ??ي) صدر آ??ف علي زرداري اپر اورڪزئي ۾ پوليو جي خاتمي جي ٽيم تي حملي جي شد??د مذمت ڪندي پوليو جي خاتمي جي ٽيم تي حملي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پوليس اهلڪارن بهادري سان وڙهندي 3 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو. هن شهيد پوليس اهلڪارن جي بهادري ۽ حب الو??ني جي جذبي کي ساراهيو. صدر حملي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.