اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف ??لي زرداري کي ڪرغزستان، فلسطين، عوامي جمهوريه ڪوريا، ازبڪستان، ڪينيا ۽ جمهوريه ترڪيه جي سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب ۾ سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نامزد سفي??ن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر سفي??ن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏني. صدر کي جمهوريه ڪرغزستان جي نامزد سفير اوازبيڪ اتاخانوف، فلسطين جي نامزد سفير ڊاڪٽر زوهير محمد حمدالله زيد، جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير چوچانگ مين، ازبڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر ??لي شير تختائي، ڪينيا جي نامزد هاءِ ڪمشن?? ليفٽيننٽ جنرل (ر) پيٽرمبو گونجيرو ۽ ترڪيه جي نامزد سفير عرفان نزير اوگلو سفارتي سندون پيش ڪيون. نامزد سفي??ن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر اميد ??اه?? ڪئي ته غيرملڪي سفير پاڪستان سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفي??ن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.