اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزي?? سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزي?? سيد عباس عراقچي ملاقات ۾ فلسطينين جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري ج?? حق جي حمايت جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزي?? سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزي?? سيد عباس عراقچي ۽ سندس وفد جو پرڏيهي آفيس ۾ استقبال ڪيو. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ واپار، توانائي جي تعاون ۽ بهتر سرحدي انتظام جي ذريعي انهن ??اڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ??اپار، سيڙپڪاري ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جون راهون ڳولڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزي?? سيد عباس عراقچي وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ??لسطينين جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪئي ۽ فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري ج?? حق جي حمايت ۾ پنهنجي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو.