شيخوپوره-15 نومبر (اي پي پي) مذهبي مع??مل?? واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جو چوڻ آهي ته سمورا مذهب احترام لائق آهن، پاڪستان حڪومت مذهبي اقليتن جي حقن جي حفاظت ڪندڙ آهي، ايويڪيو ٽرسٽ جي مذهبي اقليتن لاءِ ??دمتون تعريف جوڳيون آهن. ??ات??ين جي مهمان نوازي اسان جو فرض آهي جنهن کي اسان انجام ڏيندا رهنداسين. بابا گرونانڪ ديوجي جي انسانيت لاءِ ??عليم فخر جوڳي آهي. هن چيو ته اقيلتن جي مذهبي عبادتگاهن جي تعمير ۽ رنگ روغن جاري آهي. گورو دواره ڀائي ڪرم سنگهه، گورو دواره ڀائي جوگا سنگهه سميت ٻين گردوارن جي بحالي جا قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان اقليتن لاءِ محفوظ ملڪ آهي اسان امن ۽ ڀائيچاري جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه ??ن سک مذهب جي باني بابا گرونانڪ جي 555هين جنم ڏڻ جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين سيد عطاءُ الرحمان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سک قوم کي جنم ڏڻ جون مبارڪون هجن.هن چيو ته اسان ڀارت مان آيل ??ات??ين کي دل جي گهرائين سان پاڪستان پهچڻ تي ڀليڪار ڪريون ٿا ۽ وفاقي حڪومت جي خاص هدايتن جي روشنيءَ ۾ اقليتن جي فلاح ۽ بهبود ۽ سڄي دنيا مان آيل سک ??ات??ين جي مهمان نوازي ۽ سارسنڀال لاءِ ??اص انتظام ڪيا آهن. ننڪانه صاحب ۾ 100 ڪمرن جي تعمير ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن، ??ات??ين کي ميڊيڪل ۽ رهائش جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪرتارپور ۾ 5 هزار ??ات??ين جو انتظام آهي جڏهن ته ايندڙ ??ات??ين جو انگن تمام گهٽ آهي. مان ڀارت سميت سڄي دنيا مان ايندڙ سک ??ات??ين کي اپيل ٿو ڪريان ته ڪرتارپور ۾ وڌ کان وڌ اچن ۽ گردوارن کي آباد ڪن. ??ات??ي پاڪستان مان پيار محبت جو پيغام کڻي ويندا.