اسلام آ??اد-15 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن ??ي موقعي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سک برادري کي مبارڪون ڏنيون آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ اسپيڪر چيو ته بابا گرونانڪ انسانيت سان م??بت?? امن، ڀائيچاري ۽ برابري جو درس ڏنو، هو مذهبي رواداري، بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن جي حمايت ڪندڙ هو. سردار اياز صادق چيو ته بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن جي ??قر??بن ۾ شرڪت لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا. پاڪستان جو آئين اقليتن کي پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ ۽ مذهبي رسمون ملهائڻ ??ي مڪمل آزادي ڏي ٿو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين اقليتن کي برابر حق حاصل آهن. سک برادري سان تعلق رکندڙ پاڪستانين جو ملڪي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪردار ساراهه جو??و آهي.