اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) سنگاپور ۾ پاڪست??ن جي هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق سنگاپور فن ٽيڪ فيسٽيول 2024ع ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪري ??ڏي?? آهي. ڪالهه هاءِ ڪميشن طرف??ن جاري بيان موجب افتتاح جي موقعي تي هاءِ ڪمشنر سنگاپور فن ٽيڪ فيسٽيول ۾ ڪيترن ئي پاڪستان?? ڪمپنين جي شرڪت جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي همت افزائي ڪئي. هن چيو ته پاڪست??ن جا ڪاروباري ماڻهو ۽ ادارا عالمي حصيداري قائم ڪرڻ ۽ پاڪست??ن جي وڌندڙ فني مهارت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ان موقعي مان وڌ کان وڌ فائدو کڻن. هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪست??ن جو تيزي سان وڌندڙ ٽيڪ ٽيلينٽ، ايشيائي مارڪيٽن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ هڪ سازگار ٽائيم زون رکندڙ اس??ن جي ملڪ کي سڄي دنيا ج?? ڪمپنين لاءِ هڪ پرڪشش آءِ ٽي مرڪز بڻائي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو ڌيان ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان برانڊ کي هٿي ڏيڻ تي آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪست??ن جي ٽيڪنالاجي جي شعبي کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي. رابعه شفيق ٻڌايو ته هن سال جي فيسٽيول ۾ 10 مک پاڪستاني فن ٽيڪ ڪمپنين جو هڪ وفد شرڪت ڪري رهيو آهي، جيڪو عالمي فن ٽيڪ صنعت ۾ هڪ اهم رانديگر طور پاڪست??ن جي اڀرندڙ ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته سنگاپور فن ٽيڪ فيسٽيول ۾ انهن ڪمپنين جي موجودگي سنگاپور فن ٽيڪ ايڪو سسٽم س??ن جڙيل هجڻ ۽ عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ پنهنجي پوزيشن قائم ڪرڻ جي پاڪست??ن جي عزم جي اجاگر ڪري ٿي. مشهور شرڪت ڪندڙن ۾ پاڪستاني فن ٽيڪ فرم حڪيم ايپ کي سنگاپور جي مانيٽري اٿارٽي طرفان Fintech ايڪسي لينس ايوارڊ“ 2024ع لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. اها باوقار سڃاڻپ پاڪست??ن جي فن ٽيڪ سيڪٽر جي وڌندڙ طاقت ۽ جدت جي عڪاسي ڪري ٿو. سنگاپور جو ساليانو فن ٽيڪ فيسٽيول فن ٽيڪ اسپيس ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان وڌيڪ باا ثر پروگرامن مان هڪ آهي جيڪو اسٽاٽ اپس ۽ قائم ڪمپنين لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم پيش ??ري ٿو ته جيئن هو پنهنجي مختلف شين کي متعارف ڪرائي سگهن ۽ ان شعبي ۾ نوان موقعا ڳولين.