اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اسان جي نسل پٽيءَ کان فائيو ج?? جو سفر طئي ڪري ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو آهي، اسان جون نوجوان ڇوڪريون ڪاميابي سان جديد شعبن ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، هر ترقي يافته ملڪ عورتن جي شموليت ذريعي ترقي حاصل ڪئي آهي، ذهين نوجوان اسٽارٽ اپس سان پا??ست??ن جو مستقبل روشن ڪندا. اهڙو اظهار هن خميس ڏينهن هتي ويمن انٽر پرينيورشپ ڪانفرنس ويڪ??ن 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته اسان جي نسل پٽيءَ کان فائيو ج?? جو سفر طئي ڪري ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو آهي، هي ناليج ۽ انوويشن جو دور آهي، حريت انگيز شيون ظاهر ٿي رهيون آهن، پا??ست??ن جا نوجوان انٽر پرينيو ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جون نوجوان ڇوڪريون ڪاميابي سان جديد شعبن ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، دنيا جي مشهور يونيورسٽين ۾ پا??ست??ني عورتون پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيون آهن. نارو وال جهڙي پٺتي پيل علائقي جي ترقي تي مون کي فخر آهي جتي يونيورسٽي ۾ شاگردن جي انگ ۾ نماين اضافو ٿيو آهي. احسن اقبال چيو ته پا??ست??ن ۾ مسئلن جي حل لاءِ فائيو ايز جو ماڊل پيش ڪيو ويو آهي، فائيو ايز فريم ورڪ ۾ روانگي واپار، ڊجيٽل پا??ست??ن، گرين توانائي، ماحولياتي تحفظ ۽ ترقي جي هڪجهڙن موقعن لاءِ قدم شامل آهن. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پا??ست??ن کي پنهنجي نوجوان نسل ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسان کي هر شعبي ۾ عورتن کي اڳتي آڻڻ لاءِ پروگرام شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، هر ترقي يافته ملڪ عورتن جي شموليت ذريعي ترقي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي ملڪ لاءِ جذبو آهي ته هو هتي رهي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، مون به ٻاهران ڊگري ورتي پر هن ملڪ ۾ رهي ترقي ڏٺي، دنيا پا??ست??ن جي معيشت بابت پراميد آهي، پا??ست??ن جي اسٽاڪ مارڪيٽ 94 هزار انڊيڪس کي عبور ڪري چڪي آهي. احسن اقبال چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان جا فيصلا مستقبل جو تعين ڪندا، اسان 2013ع ۾ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جو چئلينج قبول ڪيو ۽ ڪامياب ٿياسين پر 2018ع ۾ يوٽرن اسان جي ترقي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، دوست ملڪن تي الزامن لاڳاپن کي متاثر ڪيو، منهنجي خلاف بي بنياد الزام لڳايا ويا، جيل ۾ فزيو ٿراپي جي سهولت به نه ڏني وئي پر اسان گوڙ نه ڪيو. هن چيو ته پا??ست??ن هڪ دفعو ٻيهر اپريل 2022ع ۾ بحران جو شڪار ٿيو، ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ امن، سياسي استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ سڌارا ضروري آهن. احسن اقبال چيو ته اسان کي سئو سالن جي تاريخ جو جائزو وٺي اڳتي وڌڻ جي رفتار کي تيز ڪرڻو آهي، اسان انهي جذبي سان محنت جاري رکي ۽ سياسي استحڪام رهيو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ملڪ ترق?? جون راهون طئي ڪندو. هن چيو ته ذهين نوجوان اسٽارٽ اپس سان پا??ست??ن جو مستقبل روشن ڪندا.