اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سينيٽ ج?? وقتي چيئرمين سيدال خان سان اسلامڪ رل??ف جي وفد پارليامي??ٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان مو??ب وفد جي ق??ادت برطانيه جي ڪونسلر شاهين اشرف ڪئي. وقتي چيئرمين اسلامڪ رل??ف جي وفد کي چيمبر ۾ ڀليڪار ڪيو. وقتي چيئرمين چيو ته اسلامڪ رليف قدرتي آفتن دوران انسانيت جي خدمت ڪئي، جنهن سندن شڪرگذار آهيون. پاڪستان ۾ زلزلن، ٻوڏن ۽ سوڪهڙي سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ اسلامڪ رل??ف جا رضاڪار سڀ کان اڳيان رهيا. سيدال خان ملاقات دوران چيو ته بلوچستان صوبي ۾ اسلامڪ رليف ڏورانهن علائقن ۾ وڃي رل??ف جو ڪم ڪيو. اڄ به اسلامڪ رل??ف جي مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مختلف علائقن ۾ رليف سينٽر جو قيام تعر??ف جوڳو آهي، مشڪلن گهڙين ۾ رليف فراهم ڪرڻ انسانيت جي تمام وڏي خدمت آهي. وفد وقتي چيئرمين جو ٿورو مڃيو ۽ بلوچستان سميت ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ نَون منصوبن جي شروعات لاءِ عزم جو اظهار ڪيو.