اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعن بنون ۽ خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي ڪاررواين تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوان?? جي قربانين کي ڪڏهن نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر ٻن مختلف ڪاررواين دوران 8 خوارجن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ ڪاررواين دوران شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد زوهيب الدين ۽ سپاهي افتخار ??سين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ملڪ خاطر وڏي قرباني پيش ڪرڻ تي شهيد?? جي حب الوطني واري جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪي سلامتي خاطر شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوان?? جي قربانين کي نه وساريندي. صدر مملڪت دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل رهندي. صدر مملڪت شهيد?? جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.