لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي
اسپيڪر جي تجويز تي ??ڪو??تي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڳالهين واري ڪميٽي
جوڙي ڇڏي وزيراعظم آ??يس مان جاري بيان مطابق ڪميٽي ۾ نائب
وزيراعظم اسحاق ڊار?? راڻا ثنا الله خان، سينيٽر عرفان صديقي شامل هوندا.
ڪميٽي ۾ راجا پرويز اشرف، نويد قمر، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عليم خان ۽
چوڌري سالڪ حسين شامل هوندا. گذريل رات تحريڪ انصاف جي چيئرمين
بئرسٽر گوهر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڳالهين لاءِ پنهنجو ڪردار ادا
ڪرڻ جي ??رخ??است ڪئي هئي، بئرسٽر گوهر تحريڪ انصاف سان ڳالهين
جي آڇ تي زور ڀريو هو. وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر
جي تجويز مڃيندي ??ڪو??تي اتحاد جي ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪي سلامتي ۽ قومي مفاد کي
مٿانهون رکيو ويندو، پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، قومي اسيمبلي جي
اسپيڪر جي ڪوشش کي ساراهيان ٿو.