اسلام آباد ?? 11 ??? ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي ۽ عوام جي ??لائي اسان جي اولين ترجيح آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي وڌ کان ??ڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي ??ورنر جعفر خان ??ندوخيل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان ??سلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر شاهه غلام قادر پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ عوام جي ??لائي اسان جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون ته جيئن اهي ملڪي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. بلوچستان جي ??ورنر صوبي جي ترقياتي منصوبن ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. شاهه غلام قادر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي توانائي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان 23 ارب رپين جي پئڪيج جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف شاهه غلام قادر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان ??نهنجي ??رپور ڪوشش ڪريو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي وڌ کان ??ڌ ريليف ملي.