اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) قازخستان ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار کي ه??ي وٺرائڻ لاءِ شين ?? مشينري جا ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سيڙپڪاري ۽ نجڪاري بورڊ طرفان جاري بيان مطابق اهو فيصلو وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ قازخستان جي سفير يرزهان ڪستافن خاص شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ قازخستان هڪ ??ي ڇِت هيٺيان ڪاروباري ڪميونٽي کي وڏي پيماني تي سهولتون فراهم ۽ آئينده ٽن سالن ۾ ٻه طرفي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪندا. هن چيو ته مختلف شهرن ۾ وڃڻ بجاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن جي ضرورتن کي هڪ ??ي مرڪز ۾ پورو ڪنداسين. ان موقعي تي قازخستان جي سفير پاڪستان ۾ ڊسپلي سينٽرز جي قيام ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ ٽيڪسٽائل، سرجيڪل اوزارن، اسپورٽس گڊز، هينڊي ڪرافٽ، ليدر مصنوعات ۽ـ زرعي اوزار شوڪيس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان قازخستان سان هڪ ??ال ۾ پنهنجي روانگي واپار ۾ 20 سيڪڙو اضافي ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻين وچ ايشيائي مل??ن سان به گڏيل ڪاروباري حڪمت عملي اختيار ڪنداسين. هن چيو ته هر مل?? ۾ گهرج مطابق اُتي جي ڊسپلي سينٽرز ل??ءِ پاليسي جوڙينداسين. قازخستان جي سفير وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ٻه طرفي سهڪار ۾ گهري دلچسپي وٺڻ تي ٿورو مڃيو.