اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان اين ايڇ اي کي سمورين موٽر ويز ۽ جي ٽي روڊ لاءِ سيفٽي اينڊ سيڪيورٽي پلان جي تياري جي هدايت ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان موجب اهي هدايتون هن پنهنجي صدارت هيٺ منعقد اجلاس دوران جاري ڪيون. وفاقي وزير چيو ته حادثن ۾ ريسڪيو لاءِ چئني صوبن ۾ هيلي ڪاپٽر سروس ۽ فوري رليف ملڻ گهرجي، شهرين جون زندگيون بچائڻ اولين ترجيح آهي، 1122 جي طرز تي فوري اي??بو??ينس فراهم ڪريو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ڪراچي کان پشاور تائين ۽ بلوچستان لاءِ ايمرجنسي سروسز سينٽرن جي نشاندهي ڪري ۽ ايندڙ هڪ هفتي ??وران ان سلسلي ۾ هنگامي پلان تيار ڪري. اجلاس ۾ سمورين شاهراهن تي ??يڪسل لوڊ جي پابندي يقيني بڻائڻ ۽ ڏنڊ ۾ هڪ هزار سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته مروجه وزن کان وڌيڪ لوڊ لاءِ زيرو ٽالرنس اختيار ڪريو، ڪا به ??رم?? نه ڪئي وڃي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي لاهور سيالڪوٽ موٽر وي جي طرز تي ??مورين شاهراهن کي بيريئرز فري ڪري. هن چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ??وامي آگاهي لاءِ موثر ميڊيا مهم شروع ڪئي وڃي. موٽر ويز ۽ هاءِ ويز تي ??فر ڪندڙ سمورن ماڻهن جون زندگيون انتهائي عزيز آهن، قومي شاهراهن تي ??ادثن جو سبب بڻجندڙ سمورين گاڏين خلاف قدم کنيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته سفر کي وڌيڪ محفوظ بڻايو ۽ پيٽرولنگ کان محروم علائقن ۾ موٽر وي پوليس فوري پيٽرولنگ جو آغاز ڪري. اجلاس ۾ حيدرآباد، سکر موٽر وي جي تعمير تي مختلف آپشنز جي حوالي سان غور ۽ ويچار ۽ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون، سيالڪوٽ کان کاريان موٽر وي جي تعمير جي مختلف رخن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مسئلن جي حل لاءِ تجويزون تي ??ور ڪيو ويو. مواصلات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ اين ايڇ اي چيئرمين اجلاس کي مختلف اداره جاتي معاملن ۽ هلندڙ منصوبن تي ??فصيلي بريفنگ ڏني.