اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ مختلف آپريشنز دوران 13 خوارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڪامياب ڪاررواين دوران 14 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ??ها??ري کي ساراهيو. صدر اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو ??ها??ري سان مقابلو ڪندي شهاد?? ماڻڻ تي ميجر محمد اويس شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪ??و ۽ ميجر محمد اويس شهيد جي ??ها??ري ۽ حب ??لوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري ميجر محمد اويس شهيد جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ?? شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر مل?? مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪ??و ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ آهي. صدر وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين.