راولپنڊي 09 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪالهه اي اين ايف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي جو دورو ڪيو. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب ڊائريڪٽر جنرل اي اين ايف ميجر جنرل عبدالمعيد، حلال امتياز ( ملٽري ) ان موقعي تي سندس استقبال ڪيو. وفاقي ??زير کي اي اين ايف پاران سال 2024ع دوران منشيات جي اسمگلنگ خلاف حاصل ڪيل ڪاميابين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي ??زير منشيات اسمگلنگ جي خاتمي لا??ِ اي اين ايف جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ملڪ ۾ منشيات جي استعمال جي وڌندڙ رج??ان ۽ درپيش مسئلن جو تدارڪ ڪندي اي اين ايف جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. آخر ۾ وفاقي ??زير تعليمي ??دارن جي شاگردن ۽ نوجوان نسل کي منشيات فروشي ۾ ملوث عنصرن خلاف اي اين ايف جي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو.