اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ترڪيه جي ايئر لائن پيگاسس ۽ ڪاروباري ??دا??ي هٽ اِٽ جي چيئرپرسن نور گوڪمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي دلچسپيءَ جي گڏيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ملاقات دوران ڳالهائيندي چي?? ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻا، دوستاڻا، تاريخي ناتا ۽ گهرا رابطا آهن، ٻنهي ملڪن جو عوام هڪٻئي سان دلي رشتن ۾ ٻَڌل ??هي. هن چي?? ته اسان ترڪيه سان واپاري ڳاڻيٽي ۾ واڌ ۽ ٻه طرفي ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هٽ اِٽ ۽ پيگاسس جي چيئرپرسن پ??ڪس??ان ۾ مواصلات ۽ شهري هوابازي جي معاملن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي چي?? ته ترڪيه پ??ڪس??ان سان بزنس ٽو بزنس سرگرمين ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. هن وفاقي وزير کي ٻُڌاي?? ته هٽ اِٽ ڪمپني 70 وڏين ايئر لائنز سان مارڪيٽ شيئر رکي ٿي ۽ اسان جي ڪمپني پي آءِ اي جي سڀ کان وڏي پارٽنر ۽ دنيا ۾ هوابازي جي شعبي ۾ ٽين وڏي ڪمپني آهي. وفاقي وزير هٽ اِٽ طرفان پ??ڪس??ان ۾ بزنس ۾ دلچسپيءَ جي آجيان ڪندي چي?? ته پ??ڪس??ان مواصلات جي شعبي ۾ وڏي پيماني تي هاڪاري تبديليون آڻي رهيو آهي، پرڏيهي ڪاروباري ??دا??ن جي پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري لاءِ مڪمل همٿ افزائي ڪنداسين. وفاقي وزير چيئرپرسن لاءِ پ??ڪس??ان ۽ پ??ڪس??اني عوام پاران خير سگالي جي جذبن جو به اظهار ??يو. ملاقات ۾ هٽ اِٽ جي چيف آفيسر اطيله ليزي ۽ پ??ڪس??ان لاءِ ڪوآرڊينيٽر آسي غامزي به ملاقات جي موقعي تي موجود هئا.