اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئ?? آهي ته بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس)، ملڪ ?? قوم جي خدمت ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پنهنجون توانايون ۽ تجربو استعمال ۾ آڻين، سياسي قيادت ۽ بيوروڪريسي کي ملڪ جي ??ست??بل جو تعين ڪرڻو آهي ان جي لاءِ نئين سوچ ۽ بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس) جي ضرورت آهي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان تازو ئي ت??قي ماڻيندڙ وفاقي سيڪريٽرين ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ت??قي ماڻيندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ت??قي سندن ڪارڪردگي ۽ نج ميرٽ کي نظر ۾ رکي ڪئي وئ?? آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ت??قي ماڻيندڙ آفيسر پنهنجون ذميواريون انتهائي فرض شناسي ۽ ملڪ ?? قوم جي خدمت جي ڀرپور جذبي تحت ادا ڪندا.