اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارت انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تڪراري شهريت بل آڻي انساني حقن جي قانونن جون سرعام ڌڄيون اڏائي ڇڏيون، اهو قدم ڀارت ۾ رهندڙ اقليتن جي حقن تي فاشست مودي جي ڪاري ضرب ۽ مسلمان دشمني جو چٽو ثب??ت آهي، ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوا?? پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مودي سرڪار طرفان ڀارت کي ??نتهاپسند هندو رياست ۾ تبديل ڪرڻ جو عمل گانڌي جي نظريي کي ??فن ۽ قائداعظم جي ٻه قومي نظريي جي سچائي تي مهر ثابت ڪرڻ آهي