اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سوئٽزرلينڊ جي دوري تان واپسي تي ڪوالالمپور ڪانفرنس ۾ شرڪت جي حوا??ي سان حتمي فيصلو ڪندو، نواز شريف کي طبي بنيادن تي ڏنل ضم??نت جي 4 هفتن ۾ ڪجهه ڏينهن باقي آهن، آصف علي زرداري خلاف 11 ريفرنسز ۽ 14 انڪوائريون هلي رهيون آهن اڃان ته 40 سالن جو حساب وٺڻو آهي، طبي بنيادن تي ضم??نت جو مطلب ڪيسن مان بريت ناهي ٿي، احتساب ڪندڙ ادارو زنده ۽ ڪرپٽ ماڻهن جا مفاد مرڻ شروع ٿي ويا آهن،. هُوءَ انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ سسٽين ايبل سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن (ايس ايس ڊي او) جي سهڪار سان جوڙيل پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي ويب سائيٽ جي افتتاحي تق??يب کي خطاب ڪري رهي هئي.