اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وز??را??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ اربع ڏينهن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندي. ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب نيشنل لا??بريري ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ اعليٰ ڪارڪردگي تي رپورٽرز ۽ اي پي پي جي ملازمن کي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي تي ايوارڊز ڏنا ويندا.