لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻين حڪومتن جي غلط قدمن جي ڪري حڪومت کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا، ماضي جي حڪمرانن پنهنجي ٻارن جو سوچيو عوام جو نه ۽ اهڙا فيصلا ڪيا جن جو نتيجو اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، ماضي ۾ مسئلن کي ڪارپيٽ جي هيٺان لڪاي?? ويو، بلن ۾ اضافو هڪ مشڪل فيصلو آهي، هاڻي معيشت بهتر ٿي رهي آهي ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن آهي. هو لاهور پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس ۾ ڳالهائي رهي هئي.