اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي ??نگين خلاف ورزين کي افسوسناڪ قرار ڏيندي ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي ??واهشن موجب پرامن طور تي حل ٿيڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي هڪٻئي جي موقف جا حامي آهن ۽ ڪالهه وانگر اڄ به گڏ بيٺل آهن، پاڪستان سياحت ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن جي ??رقي لاءِ ترڪي جي ??جربن مان فائدو کڻندو. اهڙن خيالن جو اظهار عمران خان ۽ ترڪي جي ??در رجب ??يب اردوان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون ??رڪ صدر کي پاڪستان اچڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو، اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر رجب ??يب اردوان جي ??طاب کي پاڪستاني عوام تمام گهڻو ساراهيو، هو پاڪستان ۾ ايترو مقبول آهي جو جيڪڏهن چونڊ وڙهي ته هو ڪلين سوئپ ڪري ويندو.