اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو دورو ڪيو. اين سي او سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽ?? ليفٽيننٽ جنرل ??مود زمان خان صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي ??وم?? تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير سيد فخر امام، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر به موجود هئا. وزيراعظم جي ??وم?? صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اين سي او سي مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ ڊائريڪٽر جنرل ??پريشن اينڊ پلاننگ، اين سي او سي ميجر جنرل ??صف محمود گورائيه ڪورونا وائرس جي صورتحال جي مختلف پاسن، اين سي او سي جي فيصلن تي عملدرآمد، ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ وفاقي ڌرين جي وچ ۾ شاندار جامع طريقيڪار بابت بريفنگ ڏني، صدر کي ڪورونا وائرس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ، صحت جي پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافو، ڪورونا مريضن لاءِ بيڊز جي دستيابي ۾ اضافو، اهم دوا??ن جي بنا رنڊڪ فراهمي، ڪورونا جي مريضن جي نشاندهي ۽ رابطن بابت ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ملڪ ۾ صحت جي نظام ۾ بهتري لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو.