اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ملاقات ڪئي ۽ ملاقات دوران سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس ڊي ملهائڻ جي تيارين تي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان نوجوان رضاڪارن کي پاڻ اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جو خاص پيغام پڻ نشر ڪيو ويو آهي. ملاقات دوران ٽائيگر فورس بابت چين پا??ان لکيل خط به وزيراعظم کي پيش ڪيو ويو.