اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جي ن??ام جي فروغ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن، اسلام ڪنهن به شع??ي ۾ استحصال جي اجازت ناهي ڏيندو، صرف منافعو ڪمائڻ ئي ترجيح نه هجڻ گهرجي، اليٽ ازم (خواص جي حڪمراني جي دستور تي اعتقاد) معاشرن کي اڏوهي وانگر کائي رهيو آهي، اسلام آباد اليٽ ازم جو تصور نه آهي، ڪووڊ 19 مالياتي منڊين لاءِ چئلنيج جي حيثيت رکي ٿو، اسلامڪ فنانسن?? جو بنياد صرف ڏيڻ وٺڻ تي نه پر صلح رحمي تي آهي، عورتن ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ بئنڪنگ ۽ فنانسن?? جون سهولتون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر 10 هين گلوبل اسلامڪ فنانس ا??وا??ڊ جي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو، صدر چيو ته ان تقريب جو انعقاد خوش آئنده آهي ان جي ذريعي اسلامڪ فنانسنگ جي شع??ي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙن جو اعتراف ڪيو آهي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسلامي بئنڪاري ۽ مالياتي ن??ام کي سگهه ملي رهي آهي، پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جي ن??ام جي فروغ لاءِ به سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۾ 17 سيڪڙو بئنڪاري اسلامي ??انونن موجب ٿي رهي آهي، اسلامڪ فنانسن?? جو حصو گلوبل فنانسنگ ۾ گهٽ آهي، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيا ادارا اسلامي بئنڪاري کي ترقي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام ۾ به ان حوالي سان ڪافي آگاهي ڏٺي وڃي ٿي.