اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس هتي ٿيو، وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب اجلاس کي ايف بي آر جي چيئرمين آن لائين رجسٽريشن سسٽم ۽ آگاهي سيمينار جي حوالي سان بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ آگاهي سيمينار منعقد ڪيا ويا آهن، ڪنسٽرڪشن شعبي سان جڙيل 112 ماڻهو ۽ ڪمپنيون ايف بي آر س??ن رجسٽر ٿي چڪيون آهن جيڪي 123 منصوبن تي ڪم ڪندا، سنڌ جي چيف سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته سيڙپڪارن جي ل??ءِ ون ونڊو پورٽل ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن تحت سنڌ ۾ 19 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي، 75 منصوبن لاءِ اين او سي جاري ڪئي وئي آهي، منصوبن جي نگراني ل??ءِ ڪميٽي نوٽيفائي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پرائيويٽ سيڪٽر جا نمائندا به شامل آهن.