اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح هدايت ڪ??ي ته هن وقت ملڪ ۾ بجلي جي ڪا کوٽ نه آهي ان لاءِ نوان ڪنيڪشنز ڏيڻ ۾ دير جو ڪو جواز نه آهي، حڪومت جو مقصد ماڻهن جي لاءِ آسانيون ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ان جي لاءِ ملڪي ڪاروباري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي راهه ۾ رڪاوٽن ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيون و??ن. هو هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪ??ي رهيو هو.