اسلام آباد – 5 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل ذريعي ملڪ جي عوام کي سندن ??ان??ٺ تي انصاف فراهم ڪري پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم سٽيزن پورٽل کي ٻن سالن جو ع??صو پورو ٿيڻ تي ??زيراعظم کي مبارڪون پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته هي اها تبديلي آهي جنهن جو وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف قوم ??ان واعدو ڪيو هو. پرڏيهي وزير وزيراعظم جي سٽيزن پورٽل تي ??صول ٿيل شڪايتن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ تي ??رڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي سڄي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڪوڊ-19 جي وبا دوران وزارت پاران سڄي دنيا جي پاڪستانين جي مدد لاءِ ڪرائسز سينٽرز قائم ڪيا.